هاءِ ڪورٽ پاران آدمشماري جو نوٽيفڪيشن روڪڻ تي ڪاوڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تڪ بندين لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن طرفان ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين کي شامل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد علي مظهر جي بينچ ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته اڃا تائين آدم شماري جي حتمي نتيجن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي. جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڇو نتيجا دٻا.ي ويٺا آهن. جسٽس محمد علي مظهر جو چيو ته سي سي آئي سبب سڄو ڪم بند ٿي ويو آهي، هي ماڻهو آدم شماري جا نتيجا دٻائي ويهي رهيا آهن، هن چيو ته حتمي نتيجا جاري نه ڪرڻ سبب بلدياتي چونڊون رڪيل آهن ته ڇا ڪيون؟ آدم شماري جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو پر ان حوالي سان نوٽيفڪيشن اڃا جاري ڪرڻ باقي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو