دنيا ۾ 3200 ميگا پڪسل واري تصوير ڪڍڻ جو عالمي رڪارڊ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي 3200 ميگا پڪسل واري تصوير ڪڍي دنيا ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. چلي ۾ واقع ويرا سي روبن آبزرويٽري ۾ لڳل وڏي ڊجيٽل ڪيمرا ذريعي ڪڍي وئي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن تصوير ۾ گولف جي بال برابر مواد به 15 ميلن تان به چٽو نظر ايندو. هن ڪيمرا جو فوڪل پلين 2 فٽ ويڪرو  آهي جنهن ۾ 189 سينسر يا سي سي ڊيز لڳل آهن. سڀ سي سي ڊيز 21 حصن ۾ ورهايل آهن ۽ هر حصي تي 30 لک ڊالر جي لاڳت آئي آهي. هي ڪيمرا خلائي تحقيق لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ خلا ۾ موجود اجنبي مخلوق جي موجودگي بابت تحقيق کي اڳتي وڌائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو