علاج هلي ٿو، اچي نٿو سگهان، نواز شريف پاران اپيل داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سرينڊر ڪرڻ واري عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل نظرثاني درخواست ۾ نواز شريف موقف اختيار ڪيو آهي ته هن وقت پاڪستان اچي سرينڊر ڪرڻ ممڪن نه آهي، مجاز نمائندن ذريعي اپيل تي ٻڌڻي جي ڪارروائي اڳتي وڌائڻ جي اجازت ڏني وڃي، لنڊن ۾ پنهنجو علاج ڪرائي رهيو آهيان، هن وقت سرينڊر ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي ته ڪورونا سبب سفر ڪرڻ ٺيڪ ناهي ڪنهن به وقت طبيعت خراب ٿي سگهي ٿي، ڊاڪٽرن کلي هوا ۾ رهڻ لاءِ چيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي 10 سيپٽمبر تائين سرينڊر ڪري عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو