انتظامي بي ڌياني سبب بلاول پارڪ اجڙي ويو

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) ٽنڊوباگو شھر ۾  ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهرايل عوام جي تفريح لاءِ بلاول ڀٽو زرداري پارڪ انتظامي بي ڌياني، لاپرواهي ۽ مبينا غفلت سبب اجڙي ويو جڏهن ته پارڪ ۾ ٻارن جي تفريح لاء لڳايل جهولا ٽٽي تباه ٿي ويا، ڇٻر سڙي خاڪ ٿي وئي.

Photo Sindhyar

ٽنڊوباگو جي شهرين لاء قائم ٿيل پارڪ ۾ سهولتن جي کوٽ سبب تفريح لاء ايندڙ ماڻهن جي آمد جو سلسلو به گهٽجي ويو ٻئي طرف پارڪ ۾ موجود عملي جو چوڻ هو ته اسان ڪيترائي ڀيرا آفيسرن کي چيو آھي ته ٻارن لاء لڳايل جهولا ٺهرائي ڏنا وڃن ۽ جيڪا ٻين سهولتن جي کوٽ آھي اها ختم ڪئي وڃي پر هر ڀيري بجيٽ نه ملڻ جو سبب ڄاڻائي انتظاميا ڪن لاٽار ڪندي رهي آھي ۽ ڪنھن به ڳاله تي ديان نه ٿو ڏنو وڃي.

Photo Sindhyar

عملي جو اهو به چوڻ هو ته انتظاميا پاران پارڪ ۾ داخل ٿيڻ جي وڏو ماڻھو 10 رپيا ۽ ننڍو ٻار 5 رپيا فيس مقرر ٿيل آھي پر هتي جيڪي به تفريح لاء ماڻهو اچن ٿا اهي پئسا ڪون ٿا ڏين ائين پارڪ ۾ داخل ٿي ٿا وڃن جنهن سبب ڪنهن به شئي تي ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي ٻئي طرف ٽنڊي باگي جي شھرين يعقوب ڪلوئي، سيف علي ميمڻ، مير اصغر ٽالپر، عبدالڪريم، زبير احمد، شائق سمون، جيوت ڪمار، ورن عرف وڪي ڪمار  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ھن پارڪ کي ٺھرايو ويو هو پر هن وقت پارڪ ۾ ڪا به سهولت موجود ناهي.

Photo Sindhyar

جهولا، ڇٻر سڀ تباه ٿي ويا آهن ڪا به تفريح جي سهولت موجود ناهي جنهن سبب ماڻهن جي آمد جو سلسلو به تمام گهٽجي ويو آھي ڪا به سار سنڀال نه ٿي لڌي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري پارڪ ۾ سهولتن جي کوٽ ختم ڪري تفريح لاء جهولا وغيره ٺهرائي ڏنا وڃن ته جيئن ٽنڊوباگو جي شھرين جي واحد تفريح گاھ پارڪ وري آباد ٿي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو