زرداري ۽ گيلاني تي فرد جرم لاڳو، نواز شريف اشتهاري قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت 4 جوابدارن تي تي توشه خانه ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. چئني جوابدارن صحت جرم کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٻن ٻين جوابدارن ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد شامل آهن. عدالت ساڳئي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي حاضر نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏيندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت وڌيڪ ڪاروائي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آصف علي زرادري ۽ نواز شريف تي گاڏيون وٺڻ ۽ گيلاني تي کين تحفا خريدڻ جي سمري تي صحيح ڪرڻ جو الزام آهي. گيلاني پاڻ روسٽرم تي اچي چيو ته هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو قانون موجب سمري منظور ڪئي آهي. ياد رهي ته اڳواڻن تي تحفي ۾ مليل گاڏيون ۽ قيمتي شيون ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪرڻ جو الزام آهي. سرڪاري خزاني ۾ اهي شيون جمع نه ڪرايون هيون. زرداري تي الزام آهي ته هن خريد ڪيل گاڏين جي ادائگي جعلي اڪائونٽ وارن پيسن سان ڪئي. ماضي ۾ فوجي حڪمران بنا پئسن يا چند روپين عيوض قيمتي تحفا گهر کڻي ويندا هئا. پرويز مشرف ڪيتريون ئي گاڏيون جيڪي مختلف ملڪن مان کيس تحفي ۾ مليون اهي پاڻ وٽ رکيون پر ان تي نيب ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو هو. ان جو اقرار پرويز مشرف پنهنجي ڪتاب ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن ۾ به ڪيو هو. ان کان اڳ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جج اعظم خان جي عدالت ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ بريت جي درخواست داخل ڪئي. جنهن جي نيب جي پراسيڪيوٽر مخالفت ڪئي، عدالت وڌيڪ ڪاروائي 17 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته قانون موجب نيب ضمني ريفرنس داخل نٿي ڪري سگهي ان معاملي تي 17 سيپٽمبر تي دليل ڏينداسين. حاضري بعد صحافين سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته هو اڳ ۾ به ڪوڙن ڪيسن مان سرخرو ٿيو هاڻي به سرخرو ٿيندو. نواز شريف بابت سوال تي هن چيو ته هو پاڻ ذميوار آهي ۽ ائين ئي ٿيندو آهي اهڙن ڪمن ۾. شهباز شريف پاران کيس گهلڻ واري بيان بعد ملاقات بابت سوال تي هن چيو ته سياست ۾ ڪڏهن ڪيئن يندو آهي ته ڪڏهن ڪيئن.

پهنجو تبصرو موڪليو