ضلعي جو هر ٽيون شخص ڪامڻ ۾ مبتلا، هڪ ڳوٺ ۾ 35 فوت

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪاري ڪامڻ وبائي صورت اختيار ڪري ويو ضلعي اندر هر گهر جو ٽيون ڀاتي هن موضي مرض ۾ وڪوڙجي ويو ٻھ هزار جي لڳ ڀڳ آبادي وارو ڳوٺ صيفل خان ڪولاچي ۾ هڪ هفتي اندر ڪارو ڪامڻ  ٻن نوجوان جون زندگيون کسي ورتيون ٻن سالن جي عرصي دوران هڪ ئي ڳوٺ جا 35 ڄڻا موت جو کاڄ بڻيا پر صحت کاتي گهوٽڪي سميت سنڌ سرڪار پڻ بي خبر  بڻيل آهي. ٻن سالن اندر هڪ ڳوٺ جا 35 ڄڻا فوت ٿيا جن ۾ سپاهي امان الله ولد عبدالمجيد ڪولاچي  امانالله جا ٻه وڏا ڀائر خاوندبخش ڪولاچي محمداڪرم عمر  اخترحسين  سندس سوٽ  واجدعلي  ۽ ان جو چاچو عبدالباري ۽ عبدالباري جي گهرواري سميت ٻيا هن موذي مرض سبب زندگي جي جنگ هارائي ويا۔ ان کان علاوه هڪ ئي ڳوٺ جا لڳ ڀڳ 200 سو ماڻھون  هاري_قمرالدين  مسوخان  سافٽ ويئر انجنيئرعبدالسلام  ڊرائيورشبيراحمد  سندس پٽ عبدالشڪور خدابخش ۽ ٻيا  نوجوان.معصوم ۽ وڏڙا زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن ڳوٺاڻن استاد عالم ڪولاچي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اليڪشن دوران اسان جو اميدوارن کان سڀ کان پهريون اهو  ئي مطالبو هيو ته ڪاري ڪامڻ جي مريضن جو علاج ڪرايو وڃي۔ پاڻي جي جرجي چڪاس۽ ڊرينيج_سسٽم ٺاهي ڏنو وڃي ، جيڪو اڃا پورو نه ٿي سگهيو۔ جر خراب ٿيڻ سبب  نوجوانن جا لاش کڻڻ معمول بڻجي ويا آھن   پي ايس ايڪويھ تي.42 ڳوٺن جي آبادي رکندڙ ڪولاچي برادري سان هميشه نارروا سلوڪ رکيو وڃي ٿو۔ اهڙن اميدوارن جو هاڻي اخلاقي طور بلدياتي اليڪشن۾ ووٽ وٺڻ جو ڪوبه حق ناهي. ووٽ لاء ايندڙ اميدوارن جو گهيراء ڪيو ويندو۔جيڪي اسان جي لاشن تي سياست ڪن اسان وٽ انهن لاء ڪابه همدردي ناهي۔اسين چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪرائي وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو