صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر )نارا ڪينال جي آبادگارن سيپڪو پاران ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. زوار حسين پتافي سليم شيخ ميوو چنو ۽ ڀٽائي ڏنو ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندڙن چيو ته سيپڪو عملدار بن قاسم فيڊر تي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب فصلن کي پاڻي نه ملڻ ڪري تمام گهڻو نقصان ٿي رھيو آهي جنهن سبب اسان تمام گهڻي ڏکيائين کي منهن ڏئي رھيا آھيون ايس ڊي او ۽ ايڪس اي اين سان بار بار رابطو ڪرڻ باوجود لوڊشيڊنگ ۽ ٽرپـنگ جو سلسلو جاري آهي مظاھرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي.ياد رهي نارا ڪينال هيٺ آهي زمينون مٿي آهن ان ڪري ڪينال مان موٽرز ذريعي پاڻي لفٽ ڪري شاخ وهائي ويندي آهي. سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي ته زرعي مقصد لاءِ 24 ڪلاڪ بجلي هلايو پر سيپڪو وارا ڪنهن جي نٿا ٻڌن.










