عادلپور/ سوسائٽي (نمائندن وٽان)قاضي واھ لڳ ڳوٺ جيئند چاچڙ ۾ مبينا طور گهرو اڻبڻت تان غير شادي شده 18 سالا نوجوان ناري اميرزادي ڌيء خدابخش چاچڙ کي نامعلوم جوابدار گهر اندر گهڙي پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا ناري جو لاش تعلقا اسپتال گهوٽڪي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او عادلپور برڪت ڀٽي موجب تہ ناري جو پي فوت ٿي ويو آھي ۽ سندس ماء ٻي شادي ڪري ڇڏي آھي ۽ هي پنهنجي ڏاڏي سان گڏ رهندي هئي پوليس معاملي جاچ ڪري رهي آھي تہ کيس ڪنهن قتل ڪيو آھي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن تہ ڪابہ گرفتاري عمل ۾ ناهين اچي سگهي










