پاڪ نيوي لاءِ چين ۾ جديد ترين جنگي جهاز جو افتتاح

شنگهائي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيوي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چين جي شهر شنگهائي لڳ  زونگوا شپ يارڊ ۾ چين پاران تيار ڪيل جنگي جهاز جو افتتاح ڪيو ويو آهي. فريگيٽ 054 جي رونمائي جي تقريب ۾ پاڪستان جو ڪموڊور اظفر همايون به موجود هو.

Photo Pak Navy

چين پاران تيار ڪيل هي جديد ترين جنگي جهاز آهي، جنهن ۾ دفاعي نظام به موجود آهي. پاڪستان نيوي جو هو جديد ترين جهاز هوندو. ان کان اڳ ۾ يرموڪ جنگي جهاز به نيوي جي ٻيڙي ۾ شامل ڪيو ويو هو. نيوي جي ترجمان چيو ته ان سان خطي ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو