لاڪ ڊائون سبب بنا امتحان پاس ٿيندڙن کا رشوت طلب

لاڪ ڊائون سبب بنا امتحان پاس ٿيندڙن کا رشوت طلب

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ، لاڪ ڊائون ۽ تعليمي ادارن جي بندش سبب سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي لکين شاگردن کي اڳئين ڪلاس ۾ پروموٽ ڪرڻ جي فيصلي بعد تعليمي بورڊ حيدرآباد پاران مئٽرڪ ۽ انٽر جي هزارين شاگردن کان امتحان وٺڻ بجاءِ پروموٽ ڪري مارڪ شيٽون مفت جاري ڪيون ويون آهن. انتهائي با خبر ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته بدين ۾ شهر جي مک نجي تعليمي ادارن پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مئٽرڪ  جي مارڪشيٽ عيوض 30 کان 50 هزار جڏهن ته انٽر جي شاگردن کان ڏيڍ لک روپين تائين اوڳاڙي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي۔ جڏهن ته انٽر ۾ متوقع بي گريڊ يا فيل ٿيڻ وارن شاگردن کان ڏيڍ لک کان 5 لک رپين تائين وصول ڪيا پيا وڃن ان سلسلي ۾ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ عبدالقادر کٽي، اشفاق بليدي، سجيل آرائين ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته شهرين جي شڪايت بعد تعليمي بورڊ حيدرآباد ۾ گذريل سال جي انٽر جي امتحان دوران پئسه وٺي من پسند مارڪون ۽ گريڊ ڏيڻ جو وڏو ڦاٽ ڦاٽو آهي جنهن جي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران بدين جي هڪ نجي اسڪول ۽ ڪاليج جنهن جا 80 شاگرد پئسن عيوض اي ون گريڊ ۽ اضافي مارڪون حاصل ڪيون آهن، سميت بورڊ سان لاڳاپيل ٻين اسڪولن خلاف وڏي پئماني تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ڪرپشن ۾ ملوث بورڊ جي عملدارن ۽ نجي اسڪولن جي مالڪن ۾ ٿرٿلو متل آهي هنن اهو پڻ الزام هنيو ته بورڊ جي عملدارن نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن خلاف اينٽي ڪرپشن جي هلندڙ جاچ روڪرائڻ لاءِ هر اسڪول مالڪ کان ڳري رشوت طلبي وئي آهي. ان سان گڏ نجي اسڪول مالڪ پنهنجا سياسي سماجي تعلقات استعمال ڪري جاچ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن وڏي وزيرسيد مراد علي شاه ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته حيدرآباد تعليمي بورڊ ۾ پروموٽ جي نالي شروع ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو