لاپته ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندڙ سارنگ جويو کنڀجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ مان جبري گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ آواز اٿاريندڙ  سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سارنگ جويو کي وڏين گاڏين ۾ سوار ‘نامعلوم’ سادن ڪپڙن وارا کنڀي ويا. سندس گهرواري سهڻي جويو ٻڌايو ته سارنگ جويو کي اختر ڪالوني واري گهر مان رات جو دير سان کنڀيو ويو آهي.

Sarang with Family, Photo Facebook

هو سياسي سماجي ڪارڪن آهي، هُو ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث ناهي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس آهي ته ظاهر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو