ڪور ڪمانڊر جي نگراني ۾ نالن جي صفائي جو ڪم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم جي هدايت ايف ڊبليو او ڪراچي جي نالن جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي. اهڙي صورتحال بعد ڪراچي جي ندي نالن ۾ صفائي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي پاڪ فوج ۽ ايف ڊبليو او پاران گجر نالي مان ڳري مشينري ذريعي ڪچرو ڪڍيو پيو وڃي.

Photo screen grab

سنڌ جي ڪور ڪمانڊر کي صفائي جي ڪم جو نگران مقرر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 6 آگسٽ خميس کان خليج بنگال مان طوفاني هوائن ۽ برساتن جو سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿيندو، جيڪو 11 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو، شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو