چمن سرحد تي مڇريل افغانين جي جهڙپ، 3 فوت 20 زخمي

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) چمن سرحد تي فرينڊشپ گيٽ ذريعي افغانستان ويندڙ مڇريل ماڻهن ۽ فرنٽيئر ڪور جي اهلڪارن ۾ جهڙپ ۾ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 20 کان مٿي زخمي ٿي پيا. ڪوئٽا ۾ پريس ڪانفرسن ڪندي بلوچستان جي گهرو کاتي جي وزير مير ضياءُ الله لانگو ٻڌايو ته افغاني شهرين کي قطار بنائڻ لاءِ چيو ويو ته هو سڀ مڇرجي پيا، ايف سي ۽ نادرا جي آفيسن تي حملو ڪري باهه لڳائي ڇڏي. ايف سي وارن کين منتشر ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي ته هجوم مان ماڻهن فائرنگ ڪئي ۽ افغان فورسز به فائرنگ ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ سرحدي گيٽ بند ڪيو ويو. ڊان اخبار جي خبر موجب اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ياد رهي ته خميس ڏينهن اهو واقعو پيش آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو