حج جا انتظام ، مسجدن جي سينيٽائيزيشن مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حج کان ڳ سعودي حڪومت منيٰ، مزدلفه، عرفات، مڪي ۽ مديني ۾ حفاظتي انتظام مڪمل ڪندي اهم جاين ۽ مسجدن کي سينيٽائيز ڪري ڇڏيوآهي. سعودي جي اسلامي معاملن واري وزارت موجب مسجد نمره جو ايئرڪنڊيشنڊ سيسٽم آپريشنل ٿي ويو آهي ۽ باٿ روم به تيار آهن. جن ۾ مناسب فاصلي سان قطارن ۾ وڃڻ لاءِ به انتظام ڪيو ويو آهي. مسجد نمره ۾ هڪ لک ڏهه هزار هم چورس ميٽرن تي ڪارپيٽ به وڇايو ويو آهي. مزدلفه ۾ مسجد مشعر الحرام ۾ به انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته هن سال سعودي عرب ۾ پرڏيهه مان حج لاءِ اچڻ تي پابندي آهي رڳو سعودي عرب ۾ رهندڙ 10 هزار ماڻهن کي حج جي اجازت آهي، جن مان 70 سيڪڙو غير ملڪي مسلمان آهن جيڪي سعودي عرب ۾ رهندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو