هالي ووڊ اداڪارا 104 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي

پيرس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور ۽ سينئر اداڪارا اوليويا ڊي هيوي لينڊ 104 سالن جي ڄمار ۾ پيرس ۾ وفات ڪري وئي.‘گون ود دي ونڊ’ نالي فلم مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا 1939 ۾ ان فلم ۾ مليني جو ڪردار ادا ڪري شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ پنهنجي وقت جي سپر هٽ فلم هئي. هوءَ اداڪارا جين فونٽين جي ڀيڻ هئي پر ان سان سندس اختلاف به رهيا. هن دي نوٽ بڪ، ٽائٽينڪ سميت ڪيترن فلمن ۾ ڪم ڪيو. هوءَ ٻئي عالمي جنگ کان اڳ جي وڏي اداڪارا هئي جيڪا 1953 ۾ پيرس هلي آئي هئي ۽ مرڻ گهڙي تائين فرانس ۾ رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو