گهڻي دير تائين پرفيوم جي خوشبو کي برقرار رکڻ جا گُر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرفيوم لڳائڻ جو ته هر ڪنهن کي شوق هوندو آحي پر ڇند ڪلاڪن بعد مهانگي پرفيوم جي به خوشبو ختم ٿي ويندي آهي. نئين تحقيق بعد ماهرن ٻڌايو آهي ته وارن ۾ پرفيوم لڳائڻ سان سڃو ڏينهن خوشبو برقرار رهندي آهي. الڪحول وارو پرفيوم سڌي طرح وارن ۾ لڳائڻ بدران ڪنهن برش تي هڻي پوءِ وارن تي اهو برش لڳايو. ناف يعني دُن، گوڏن جي ڍڪڻين جي پوئين پاسي، ٺوٺين جي مٿئين پاسي، ڪن جي مٿئين حصي، پني يا پنڊلي ۽ ڪپڙن بدران جسم تي پرفيوم لڳائڻ سان خوشبو ڪافي دير برقرار رهندي آهي. اوني ڪپڙن تي پرفيوم لڳائڻ سان 2 کان 3 ڏينهن خوشبو برقرار رهندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو