لائبرري جو ڪم 7 سالن کان رولڙي۾، سڄاڻ ڌرين جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاهه (برڪت چانڊيو )وفا ناٿن شاهي لائبريري جي رڪيل ڪم جي بحالي لاءِ شاگرد سٿ جي سڏ تي جي يو آئي، عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو، عوامي جمهوري پارٽي، ايس يو پي، طبقاتي جدوجهد، پورهيت مزاحمت، سنڌي ادبي سنگت، ينگ پيپلز فيڊريشن ، سچوا, وائيس آف يوٿ، واپاري اتحاد ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران بلوچ پمپ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جنهن جي اڳواڻي عليم مهيسر، اعجاز علي سومرو، حافظ انور کوهارو، بلاول ڀرڳڙي، سومر چانڊيو، فرمان پهنور ,عبدالحق چانڊيو، سهيل چانڊيو ۽ شبير مشوري ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفا ناٿن شاهي لائبريري جي رڪيل ڪم کي مڪمل ڪيو وڃي لائبريري شاگردن ۽شهرين جو بنيادي حق ۽ حڪومت جو فرض آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ترقي يافته قومن جو دارومدار لائبريرين سان لاڳاپيل آهي پر گذريل ستن سالن کان شهري لائبريري جي حاصلات لاءِ مسلسل جدوجهد جي عمل ۾ آهن. ان موقعي تي هنن وڌيڪ 15 جولا۽  تي ٽوئيٽر تي وفا ناٿن شاهي لائبريري جي رڪيل ڪم جي بحالي لاءِ ٽرينڊ هلايو ويندو ان ٽرينڊ ۾ سمورن علم دوست ڌرين کي ساٿ ڏيڻ گهرجي. هنن ثقافت کاتي جي منسٽر کان مطالبو ڪيو ته وفا ناٿن شاهي لائبريري جو رڪيل ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو