هلندڙ ترقياتي اسڪيمون جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون ) چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊولوپمنٽ ڪميٽي بدين ۽ ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر  جي صدارت ۾ گڏجاڻي درٻار هال بدين ۾ ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير زراعت سنڌ محمد اسماعيل راهو، ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين علي اصغر هاليپوٽو ، ميمبر سنڌ اسمبلي حاجي تاج محمد ملاح ، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر ، حاجي رمضان چانڊيو، حاجي سائين بخش جمالي کان علاوه ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي گڏجاڻي کي بريفينگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا حڪم آهن ته پيٽروليم ۽ آئل گيس جي سوشل ويلفيئر فنڊ مان بجيٽ جو 25 سيڪڙو تعليم کاتي تي خرچ ڪيو وڃي جنهن ۾ اسڪولن جي مرمت سولر سسٽم ۽ صاف پاڻي جي فلٽر پلانٽن تي خرچ ڪيو ويندو گڏجاڻي کي چيئرمين پيٽروليم سوشل ڊولوپمنٽ ڪميٽي مير غلام علي ٽالپر ورڪس ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايڪيسن کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد جيڪي اسڪيمون اڌ ۾ رهيل آهن انهن جي مڪمل سروي ڪري انهن جو ڪم شروع ڪري مڪمل ڪيو وڃي ۔ لاڙ ڪيمپس جي بسن جي خريداري جي لاءِ جلد ٽينڊر ڪرايو وڃي جئين اهي بسون خريد ڪري سگھجن ڊائلاسس جي لاءِ چار وڌيڪ مشينو خريد ڪرڻ جي پڻ ڪميٽي منظوري ڏني هن لاڳاپيل کاتن کي خاص هدايت ڪئي ته جيڪي ڪم هلندڙ آهن انهن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو