ٽن شاخن جي پڃڙي جي آبادگارن جو احتجاج جاري

سڪرنڊ (فقير راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ جي ٽن شاخن سڪرنڊ شاخ، راھب شاھ شاخ ۽ شھباز شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻيءَ جي کوٽ ، شاخن تي غيرقانوني لڳل نولين ۽ ماڊيوليٽر واٽر ھجڻ خلاف آبادگار اتحاد پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ آبپاشي آفيس آڏو اڄ ڇھين ڏينهن به آبادگار اڳواڻ ۽ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاه جي اڳواڻيءَ ۾ باغ علي باجواه، فلڪ شير اوڏ، محمد بچل ڏهيو، غلام مصطفي ڪيريو، پيار علي جلالاڻي، افضل عثمان ڀٽو، نظر حسين گھمڻ، امدا جلالاڻي، عثمان ٻنڀ، قربان مگسي، نديم ڪيريو، رسول بخش ڀٽو،  بشير احمد ڏهيو، محمد ايوب ڏهيو، الھ ڏتو ڀٽو، سونھارو ڀٽو، غلام قادر انڙ، ولي محمد انڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال جاري رکي ۽ سخت نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان سڪرنڊ جي ٽن شاخن جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنھن سبب ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي رھيا آهن ۽ زمينون غير آباد بنيل آھن پر آبپاشي وارا پاڻي چورن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿا ڪن جڏھن ته سڄي ضلعي ۾ ساريون پوکڻ تي پابندي آھي پر نواب شاھ کان سڪرنڊ روڊ سميت ٻھراڙين ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي ساريون پوکيل آھن پر هتان جو ڊي سي ۽ اي سي سڪرنڊ ان جو نوٽيس نٿا وٺن ڇو ته اهي با اثر ۽ حڪومتي ڌر ۾ ويٺل ماڻھن جون آھن، هن چيو ته آبپاشي عملدار مبينا طور رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪن ٿا جڏهن ته ڄاڻايل ٽنهي شاخن تي غيرقانوني طور نوليون ماڊيوليٽر ۽ واٽر ڪورس قائم ڪيل آهن جنھن سبب پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پھچي پر ايريگيشن وارا خاموش آهن ھن مطالبو ڪيو ته فوري طور سڪرنڊ جي ٽنهي شاخن تي قائم ڪيل غيرقانوني طور نوليون واٽر ماڊيوليٽرختم ڪرايا وڃن نہ ته  احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو