سرفراز بگٽي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) ٻارڙي جي اغويٰ ڪيس ۾ مقامي عدالت سينيٽر سرفراز بگٽي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. سينيٽر سرفرزا بگٽي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڪوئٽا جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جاري ڪيا. عدالت پوليس کي سرفراز بگٽي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ سينيٽر سرفراز بگٽي جي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. واضح رهي ته اغوا ٿيل 10 سالن جي ڇوڪري ماريه جي ناني جو چوڻ آهي ته ڊسمبر 2019 ۾ ڇوڪري جي والد توڪل علي بگٽي سان عدالت ۾ ملاقات لاءِ گهرايو ويو جتان کيس اغوا ڪري ڪوئٽه ڪينٽ ۾ سرفراز جي گهر نيو ويو. توڪل بگٽي جي گهراوري فوت ٿيڻ بعد ٻارڙي عدالتي حڪم تي ناني حوالي ٿي هئي پر سرفراز بگٽي جا ماڻهو عدالت مان کيس کڻي ويا هئا. عدالتي حڪم جي باوجود سرفراز بگٽي کي 6 مهينن کان ڪير گرفتار نه پيو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو