50 سيڪڙو جر جو پاڻي کارو ، ماڻهو ڪامڻ ۾ مبتلا

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون ) بدين ضلعي ۾ 51سيڪڙو جر کارو، 50 کان وڌيڪ فلٽر پلانٽس بند، هزارين ماڻهن جا گردا متاثر، صحت جون سهولتون اڻلڀ بڻجي ويون. ان ڏس ۾ ٽنڊو باگو، تلهار، ماتلي ،گولاڙچي، ڪڍڻ، نندو، شادي لارج، کوسڪي سميت ٻين علائقن ۾ رهندڙ اٽڪل 18 لک 25 هزار ماڻهن مان اڪثريت بيمارين جي ور چڙهي وئي آهي.سامونڊي پٽي ۾ جر مڪمل طور کارو ٿي ويو آهي، سوين ماڻهن جا گردا سخت متاثر ٿي ويا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو اسپتالن ڏانهن رخ ئي نٿا ڪن. ڊائلاسز سينٽر جي اڳوڻي انچارج ڊاڪٽر عبدالسلام خاصخيلي موجب زهريلو پاڻي واپرائڻ ڪري هزارين ماڻهو گردن جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن،  اڻ رجسٽر ماڻهن جو انگ اڻ ڳڻيوآهي جيڪي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڊائلاسز ڪرائين ٿا.

واهن ۽ شاخن ۾ مئل ڍور لڙهي اچڻ سبب رهواسي مجبورن جر واپرائن ٿا، جڏهن ته تلائن جي صورتحال به خراب آهي. مڪاني ادارن جا نمائندا وري نلڪا ورهائڻ ۾ رڌل آهن. ڪامڻ جي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي، سامونڊي پٽي جا 70سيڪڙو ماڻهو بيمارين ۾ ورتل آهن، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ 51 سيڪڙو پاڻي پيئڻ لائق ناهي. ڊائلاسز مريض علاج بدران درگاهن جو رخ ڪن ٿا. ٽنڊو باگو، تلهار، ماتلي ،گولاڙچي، ڪڍڻ، نندو، شادي لارج، کوسڪي ۾ لڳل 87 فلٽر پلانٽس مان اڪثر خراب پيل آهن، بيمارين جي ور چڙهندڙن ۾ معصوم ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي، پر چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو