وائرس جو ڦهلاءَ جاري، دنيا ۾ 82 هزار کان مٿي فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ چار هزار کان مٿي ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 58 ٿي ويو آهي. جاري ڪيل ڊيٽا موجب وائرس زدو ماڻهن جو انگ 4072 ٿي ويو آهي، جن مان 25 مريضن حالت ھڻتي جوڳي آهي.صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 467 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 2030 مريض آهن، سنڌ ۾ 932، خيبر پختونخواهه ۾ 500، بلوچستان ۾ 202، گلگت ۾ 211، اسلام آباد 83 ۽ ڪشمير ۾ 19ڪيس ٿي ويا آهن. هن مهل تائين ملڪ ۾ 43 هزار کان مٿي ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. دنيا ۾ وائرس زده ماڻهن جو انگ 14 لک 40 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک کان مٿي آهي ۽ مري ويندڙن جو انگ 82900 کان مٿي ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2000 کان مٿي ماڻهو فوت ٿيا آهن جيڪو هڪ ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ موت آهي. اٽلي ۾ فوتي 17 هزار کان مٿي آهن، اسپين ۾ 14 هزار، آمريڪا ۾ 12 هزار، فرانس 10 ۽ برطانيه 6 هزار کان مٿي ماڻهو مري ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو