ايشيائي بئنڪ پاران پاڪستان لاءِ 20 لک ڊالر جي امداد

ڪراچي (ويب ديسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ 20 لک ڊالر جي امداد جاري ڪري ڇڏي آهي. اها رقم ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ساز و سامان جي خريداري تي خرچ ڪئي ويندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ 20 مارچ تي قدرتي آفتن کي منهن ڏين واري گرانٽ مان 25 لک ڊالر منظور ڪيا هئا. جنهن مان 20 لک ڊالر هاڻي جاري ڪيا ويا آهن جيڪي يونيسيف جي نگراني ۾ خرچ ڪيا ويندا. بئنڪ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ وڌيڪ امداد به بعد م جاري ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو