لاڪ ڊائون، مزدور پريشان، حڪومت گم، نوجوان سرگرم

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون سبب هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي ٻه ٻه ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن ته ان رقم مان ڏهاڙيدار مزدورن جي مدد ڪئي وڃي. هن مهل تائين ان ڏس ۾ امدادي ڪم سست آهن پر اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي مختلف علائقن نوجوان سماجي ڪارڪن سرگرم نظر اچن ٿا. رتوديرو ۾ ميونسپل جي هڪ ملازم پنهنجي ماهوار پگهار غريب ۽ مسڪينن ۾ ورهائي آهي. پنو عاقل، جروار، گهوٽڪي، پڊعيدن ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ نوجوان سرگرم آهن جيڪي مخير ماڻهن کان سامان وٺي مجبور ماڻهن کي ڪٿي سيڌي جي صورت ۾ ته ڪٿي پڪل کاڌي جي صورت ۾ امداد ورهائي رهيا آهن.*** نئون ديرو مان شاد محمود ڀٽو موجب شهيدن جي شهر ۾ جيڪو ڪم حڪمران جماعت پ پ پ وارن کي ڪرڻ کپندو هو اهو ڪم نوجوانن سماجي ڪارڪنن ڪري ڏيکاريو آهي. شهر جا نوجوان سماجي ورڪر مزدورن ، غريبن جي مدد  لاء ميدان تي نڪري پيا آهن، پنهنجي مدد پاڻ تحت سماجي  ڪارڪنن طرفان 300 ڏهاڙي ڪمائڻ وارن  مزدورن ۽ مسڪينن ۾ راشن ورهايو. مزدورن ۾ خوشيءَ جي لهر  خوشيء ۾ ڪيترن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. نوجوان سماجي ڪارڪنن ساجد علي کهڙو ، ايمان ممتاز کوکر ، ڪاشان قاضي ،محمد اسحاق زنگيجو ۽ مدثر علي سومرو ان ڏس ۾ سرگرم آهن. 300 گهرن ۾ راشن جا ڪٽا جنهن ۾ چانور اٽو ،تيل ،کير ،کنڊ چانهه پتي ،مرچ ،لوڻ ،ماچيس وغيره شامل آهن شهرجي مختلف محلن ۾ رهندڙ ڏهاڙي وارن مزدورن جي گهر پهچي سندن حوالي ڪيا. سماجي ڪارڪن ساجد علي کهڙو ۽ ٻين صحافين سان  ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان  موذي مرض ڪرونا وائرس  کان نجات لاء سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي جنهن سبب ڏهاڙ ي تي ڪم ڪندڙ مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن اسان جو فرض آهي ته اسان انهن جي سار لهون سرندي وارا ساٿ ڏين ته جئين انهن مسڪينن جي اسين مدد ڪري سگهون. ***رتوديرو مان فدا حسين لاشاري موجب ميو ميونسپل سينيٽري ملازم جيپال پنهنجي هڪ مهيني  جي پگهار ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيل بيوس مزدورن ۾ تقسيم ڪئي، هن چيو ته مان پاڻ غريب آهيان پر هن مصيبت جي گهڙي ۾ غريبن جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته مونکي غربت ۽ بک جو احساس آهي.

هن حڪومت کي اپيل ڪئي ته هو ان ڏس ۾ دير نه ڪن غريب بيوس بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪري ۽ غريبن کي راشن فراهم ڪري.هن چيو ته سر تغاري وارا مزدور بيحد پريشان آهن. هن پنهنجي تڪ جي ايم پي ايز،  ايم اين اي کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو