شگر جيان ڪورونا جي فوري ٽيسٽ لاءِ مشين جي تياري

لنڊن(ويب ديسڪ) دنيا م هڪ پاسي سائنسدان ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ جلد ويڪسين تيار ڪرڻ تي تحقيق ڪري رهيا آهن ته بئي پاسي ان جي ترت چڪاس لاءِ ٽيسٽ ڪٽس جي تياري تي به ڪم هلي پيو. برطانيا ۾ ماهر شگر جي ٽيسٽ جهڙي ننڍڙي ۽ آسان مشين تيار ڪري رهيا آهن جيڪا هر ماڻهو سستي اگهه تي عام دوڪان تان خريد ڪري سگهي. برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروس جي انفيڪشن ڊزيز جي شعبي جي سربراهه پروفيسر شيرون پي ڪوڪ برطانوي پارليامينٽرينز کي ٻڌايو ته جيئن شگر جي ٽيسٽ لاءِ آڱر ۾ سئي هڻي هڪ قطرو رت جو ڪڍي شگر جي ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي بلڪل اهڙي مشين ڪورونا جي ٽيسٽ لاءِ ڪيمبرج ۾ تياري هيٺ آهي. ان مشين جا تجربا ٿي رهيا آهن ۽ ايندڙ هفتي تائين سٺي خبر سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو