جکراڻي برادري ۾ ڪارنهن تان ٻٽو قتل، قاتل فرار

جيڪب آباد (دولت گل مستوئي) مولا داد ٿاڻي جي حد ۾  ڪارنهن جي تھمت مڙھي فائرنگ ڪئي وئي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب مرد ۽ عورت قتل ٿي ويا پوليس موجب مولاداد ٿاڻي جي حد  ڳوٺ جاگير ۾ جکراڻي برادري جي هٿياربندن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان معشوق علي  جکراڻي ۽ هڪ عورت کي قتل ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته واقعو غيرت جي نالي تي پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو