سنڌ ۾ لاڪ ڊائون، فوج، رينجرز، پوليس ۽ انتظاميه سرگرم

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون جاري آهي، ننڍن وڏن شهرن م فوج به پهچي وئي آهي، رينجرز، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر هر شهر م گشت ڪري ماڻهن کي گهرن تائين محدود رهڻ جي تلقين ڪري رهيا آهن. خلاف ورزي ڪندڙن ۽ پوليس سان بحث ۽ تڪرار ڪندڙن کي ڪٿي مرغو بڻائي سزا ڏئي ڇڏيو ٿو وڃي ته ڪٿي کين گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪيو ٿو وڃي. مختلف شهرن ۾ سبزين جا اگهه وڌڻ جي به شڪايت آهي ته ڪٿي کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ جون به شڪايتون آهن.

پير جو ڳوٺ ۾ سيڪورٽي فورسز جو گشت

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون بعد اربع تي رڳو 3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته لاڪ ڊائون جو تمام گهنو فائدو ٿيو آهي. سنڌ جي پنجاب ۽ بلوچستان سان ملندڙ سرحدن تي فوج پوليس سان گڏ انتظام سنڀالي ورتا آهن ۽ بين الصوبائي آمد رفت تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي.ڳڙھي خيرو مان جاويد لغاري موجب سنڌ بلوچستان سان لڳندڙ روڊ مڪمل سيل ڪري ٻنھي طرفن کان فوج کي تعنيات ڪيو ويو آهي،  ٻئي طرف  شھر جي مختلف جڳهن تي پوليس ۽ فوج جي جوانن پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي  اسسٽنٽ ڪمنشر ڊاڪٽر ثناءَ الله ڀٽي مختيار ڪار ڳڙھي خيرو عبدالمالڪ کوسو سرفراز احمد بروھي شھزاد احمد سومرو پڻ گڏ ھئا ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوام کي اپيل ٿا ڪيون ته خدارا پنهنجي گھرن ۾ رھـن ۽ ڪنهن به ضروري ڪم لاء صرف ھڪ فرد ٻاهر اچي ضروري سامان وٺي سگهي ٿو . سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن مان نمائندن موجب انتظاميا سختي ڪري رهي آهي جنهن سبب غريب مزدور پريشان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو