پيٽرول جي قيمت 15 روپيا گهٽائڻ ۽غريبن لاءِ 200، ارب جو پيڪيج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان فوري طور تي پيٽرول ۽ ديزل جي قيمت م 15 روپيا في لٽر گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي گادي واري شهر ۾ معاشي ٽيم سان اهم گڏجاڻي بعد سينئر صحافين سان ڳالهائيندي هن ڪورونا وائرس سبب مختلف شعبن کي ٿيندڙ نقصان بابت معاشي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته بجلي ۽ گيس جا بل عوام قسطن ۾ ادا ڪري سگهي ٿو، طبي سامان لاءِ 50 ارب روپيا جاري ڪيا ويندا ۽ کاڌي پيتي جي مختلف شين تي ٽيڪس گهٽايو ويندو. ڏهاڙيدار مزدورن لاءِ 200 ارب روپيا، ايڪسپورٽرز کي 100 ارب روپيا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين صنعتن ۽ زرعي شعبي لاءِ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن جنهن مان کين گهٽ ويج جي شرح تي قرض به ڏنو ويندو، هر غريب خاندان کي 4000 روپيا ماهوار ڏنا ويندا. هن چيو ته مونکي غريبن جو احساس آهي ڪرفيو لڳائڻ سان غريب تي اثر پوندو امير طبقي کي ڪجهه نه ٿيندو. هن چيو ته عدالتن مان به اميرن ۽ غريبن لاءِ انصاف جو پيمانو مختلف آهي. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي ميان شهباز شريف پيٽرول جو اگهه 70 روپيا في لٽر گهٽ ڪرڻ، قرشن تي وياج جي شرح ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي، بجلي ۽ گيس جا اگهه گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. ياد رهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت تمام گهٽ آهي ۽ ان حساب سان 30 کان 40 روپيا في لٽر قيمت گهٽ ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو