نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري)واپڊا هائيڊرو يونين جي اڳواڻي ۾ ڄام صاحب پوليس جي خلاف منو آباد جي سب ڊويزن آفيس جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو واپڊا مظاهرين جو چوڻ آهي ته نواب خان رند جي ڳوٺ ۾ بجلي چورن لائن مين تي تشدد ڪيو هو جنهن جي ايف آئي آر تعلقه جي حد ڄام صاحب ۾ ڪرائي هئي جنهن تي ايس ايڇ او ڪارروائي ڪندي نامعلوم ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو پر انهن کي رشوت جي عيوض ڇڏي ڏنو جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. يونين اڳواڻ سيد حبدار علي شاھ ،جوائنٽ سيڪريٽري مقبول احمد گپچاڻي ، مير محمد، رحمان علي زرداري، الطاف حسين شر ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته اسين مطالبو ٿا ڪريون ته عملي کي مار ڪٽ ڪندڙن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. اُن موقعي تي واپڊا وارن پوليس جي زيادتن جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.










