سعودي جي عالمي اڏامن تي پابندي، پاڪستان کي رعايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ڪورونا وائرس سبب سڀني عالمي اڏامن تي ٻن هفتن لاءِ پابندي مڙهي ڇڏي آهي پر پاڪستان کي عمري جي زيارتين کي واپس کڻي وڃڻ لاءِ پي آءِ اي کي 3 ڏينهن جي اجازت ڏني آهي. قومي ايئرلائين (پي آءِ اي) جي ترجمان چيو ته سعودي  6 اڏامن جي خصوصي طور تي جدي ۽ مديني مان پاڪستانين کي واپس ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. ياد رهي ته سعودي حڪومت ڪورونا وائرس سبب دمام ۽ رياض ايئر پورٽ مڪمل بند ڪري ڇڏيا آهن. سعودي پابندي سبب پي آءِ اي جي اڏامن ۾ به ردو بدل ٿيو آهي.سعودي حڪومت صرف ڪارگو جهاز ۽ تجارتي اڏامن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي.واضع رهي ته هلندڙ هفتي سعودي عرب ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ احتياطي طور متحدد عرب امارات (يو اي اي )ڪويت ۽ بحرين سان زميني رابطا محدود ڪيا هئا.سعودي پريس ايجنسي وزارت داخلا جي حوالي سن ٻڌايو آهي ته 3 پاڙيسرين ملڪن کان صرف ڪمرشل ٽرڪن جي اچڻ جي اجازت ڏني آهي. دنيا ڀر ۾ وڌنڌڙ ڪورونا وائرس جي خطري سبب سعودي عرب پوري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪندي شهرين جي سفرکي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.ان سان گڏوگڏ سعودي حڪومت پاڪستانين ۽ يورپي يونين سميت 12 ملڪن جي اڏامن تي پابندي هڻي چڏي آهي. سعودي حڪومت ڪورونا وائرس سبب پهريون ئي حفاظتي انتظام ڪندي عرب رياستن سميت 19 ملڪن تي سفر جي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. سعودي حڪومت اهڙي ماڻهن تي 5 لک ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي انٽري پوائنٽس تي صحت جي معلومات ۽ سفري معلومات درست فراهم نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو