اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اعتراف ڪيو آهي ته اهڙا به وزير آهن جيڪي دفتر کان وڌيڪ ڪوهسار مارڪيٽ ۾ ويهندا آهن. اپوزيشن ڪجهه به نه ڪري تڏهن به ڪوئي نه ڪوئي وزير ڪو اهڙو بيان ڏيندو آهي، جنهن کي سنڀالڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي سوشل ميڊيا جي ٽيم سان ملاقات ۾ ڪيو. ذريعن مطابق ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته صبح جو جڏهن موبائل ڏسندو آهيان ته خبر پوندي آهي ته اڄ ڪهڙي ڪرائسس سان مقابلو ڪرڻو پوندو. هن اعترف ڪيو ته هو هر وقت ڪرائسس جي لاءِ تيار رهندو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي خلاف هرو ڀرو ڪوڙيون خبرون ڦهلائيون وينديون آهن. سوشل ميڊيا تي مثبت تنقيد بلڪل هئڻ گهرجي پر حڪومت تي حملو ڪرڻ کان پهريان تصديق ڪئي وڃي ته خبر سچي آهي يا ڪوڙي. اڪثر ڪري اسان جا پنهنجا ماڻهو فيڪ نيوز جي پروپيگنڊا ۾ اچي ويندا آهن. وزيراعظم چيو ته اٽي ۽ کنڊ جي بحران بابت تحقيقاتي رپورٽ پبلڪ ڪئي ويندي.وزيراعظم چيو ته مايوسي ڪفر آهي.سٺو وقت جلد ايندو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ بعد ڪيئي وزير تڪراري ۽ کِل جوڳا بيان ڏئي چڪا آهن. اڳوڻو وزيراطلاعات ۽ نشريات ۽ هاڻوڪي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير فواد چوڌري جي 55 روپئي في ڪلو ميٽر هيلي ڪاپٽر جي استعمال جي بيان تي تنقيد ٿي هئي. جڏهن ته اسپيڪر خيبرپختوخواه اسيمبلي مشتاق غني 6 اپريل 2019 تي معاشي حالات تي عوام کي مشورو ڏنو هو ته ملڪ قرضن ۾ دٻجي چڪو آهي. ان ڪري عوام ٻن بجاءِ هڪ ماني کائي. ان کان علاوه هڪ وزير طرفان مهانگائي جا فائدا ڳڻائڻ جو بيان به آيو هو.










