دوستي نه رکڻ تان عورت اغوا، مارڪٽ بعد آزاد

ٺري ميرواھ (زاهد علي شر) دوستي نه رکڻ تان شادي شده عورت کي جوابدار کنڀي کڻي وڃي مار ڪٽ ڪئي. ڳوٺ باغ بچراھ واسڻ  شادي شده عورت 25ورهين جي صغريٰ  جوڳي زال اياز علي جوڳي ميرواھ ٿاڻي تي پهچي بااثر دادن دستي خلاف دانهيندي ٻڌايو ته دادن دوستي نه رکڻ تان کيس ٺري شھر ٻاهران زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا جنهن بعد هڪ جڳهه تي مٿس تشدد ڪندي لتون مڪون هنيون چيائين ته مون سان دوستي رک. هن چيو منهنجي دانهن بعد جوابدار گاڏي ۾ فرار ٿي ويا ۽ آئون ميرواھ ٿاڻي تي پهچي اهڙي فرياد داخل ڪرائي آھي هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آھي ته جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو