شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

مورو(ن س) سنڌ نيشنل پارٽي پاران شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بلاول ڏاهري جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ صحافين ۽ مختلف سياسي سماجي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس اين پي جي بلاول ڏاهري جسقم جي آصف راهوجو جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ وقار ڪلهوڙو اصحاب چانڊيو جسقم آريسر جي شاهنواز ڀٽي دودو جماڻي  صحافين علي اصغر ڪورائي سومر خان سولنگي اختر لغاري  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪافي ڏينهن گذري ويا آهن صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن کي  گرفتار نه ڪيو ويو آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران وقت پاس ڪري معاملي کي ٿڌو ڪرڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو