ايل پي جي قيمت ۾ 50 روپيا في ڪلو واڌ، عوام پريشان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ ايران سرحد بند ٿيڻ سبب ايل پي جي قيمتن ۾ 50 روپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي. ڊسٽريبيوٽرز جو چوڻ آهي ته سپلاءِ گهٽجي وئي آهي ان ڪري مجبوري کان قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. اڳ ۾ 130 روپيا في ڪلو وڪڪامندڙ ايل پي جي 180 روپيا في ڪلو ۾ وڪامي رهي آهي. قيمتن ۾ اوچتو واڌ سبب گهريلو ۽ گاڏين ۾ استعمال ڪندڙ صارفين پريشان آهن. ياد رهي ته ايران ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ بعد پاڪستان ايران جي سرحد بند ڪري ڇڏي هئي. جنهن بعد افغانستان سان ملندڙ سرحد به بند ڪئي وئي آهي. ٻنهي سرحدن تي اسڪريننگ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن ۽ تنها رکڻ لاءِ وارڊ به قائم ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو