پورٽ فوليو شوٽ لاءِ ماءُ کان 10 هزار رپيا اوڌارا ورتا هئا: ديپيڪا

پورٽ فوليو شوٽ لاءِ ماءُ کان 10 هزار رپيا اوڌارا ورتا هئا: ديپيڪا

ممبئي)ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ديپيڪا پڊوڪون پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندي چيو آهي ته هن ماڊلنگ پورٽ فوليو جي شوٽ لاءِ پنهنجي ماءُ کان 10 هزار رپيا اوڌارا ورتا هئا.ديپيڪا پڊوڪون جو شمار اڄ بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو. هالي ووڊ فلم ’ايڪس ايڪس ايڪس: ريٽرن آف زينڊر ڪيج‘ ذريعي عالمي سڃاڻپ ماڻڻ کانپوءِ هوءَ آمريڪي ميزبان ايلن ڊي جينيرس جي مشهور شو ۾ پڻ شريڪ ٿي هئي.شو دوران پنهنجي شروعاتي ڪيريئر بابت ڳالهائيندي ديپيڪا ٻڌايو ته ماڊلنگ پورٽ فوليو ٺهرائڻ لاءِ هن ماءُ کان 10 هزار رپيا قرض ورتا هئا. ان موقعي تي هن ماءُ سان واعدو ڪيو هو ته اها رقم واپس ڪندي ۽ پنهنجي ڪم سان کيس فخر محسوس ڪرائيندي.گفتگو دوران ديپيڪا پنهنجي والد پرڪاش پڊوڪون جي بيڊمنٽن ڪيريئر بابت به ڳالهايو.هن چيو ته جنهن دور ۾ ڀارت ۾ پيشوراڻي سطح تي بيڊمنٽن کي عام طور تي اختيار نه ڪيو ويندو هو، ان وقت سندس والد هن راند سان لاڳاپيل هو. هو رانديگر هو، پر ان دور ۾ اڪثر ماڻهو ڊاڪٽر يا وڪيل بڻجڻ جا خواهشمند هوندا هئا.ديپيڪا موجب جيڪڏهن هوءَ به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي بيڊمنٽن کي پنهنجو پيشو بڻائي ها ته کيس خوشي ٿئي ها، پر والد هميشه کيس پنهنجي پسند موجب زندگي گذارڻ ۽ دل جي آواز تي هلڻ جو مشورو ڏنو.اداڪارا ٻڌايو ته کيس 16 ورهين جي عمر ۾ ئي احساس ٿي ويو هو ته هوءَ اداڪاري ڪرڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته کيس ڪئميرا سامهون رهڻ تمام گهڻو پسند هو.

پهنجو تبصرو موڪليو