بيجنگ (ويب ڊيسڪ): چين جي فوج سان گهرن لاڳاپن واري يونيورسٽي، گذريل مهيني اينويڊيا جون طاقتور H200 مصنوعي ذهانت (AI) چِپس خريد ڪيون آهن، جيتوڻيڪ اها يونيورسٽي آمريڪا جي برآمدي پابندين واري فهرست ۾ شامل آهي.
خريداريءَ جي رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته چين کي جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي کان روڪڻ لاءِ واشنگٽن جي ڪوششن ۾ اڃا به خاميون موجود آهن.
اهي تفصيل اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن اينويڊيا ۽ ان جي چيف ايگزيڪيوٽو جينسن هوانگ کي چين ڏانهن AI چِپس جي وڪري تي پابنديون نرم ڪرائڻ لاءِ لابنگ ڪرڻ سبب واشنگٽن ۾ وڌندڙ جاچ ۽ تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان کان اڳ رپورٽون سامهون آيون هيون ته هوانگ کي چين جي هڪ جاسوسي آپريشن جو نشانو بڻايو ويو هو.
هوانگ جو موقف رهيو آهي ته آمريڪا طرفان چين کي چِپس جي وڪري جو سلسلو جاري رکڻ سان آمريڪي ٽيڪنالاجيءَ جي برتري برقرار رهندي ۽ چيني گراهڪ آمريڪي ٽيڪنالاجيءَ تي ڀاڙيندا رهندا. پر آمريڪا جا ڪجهه قانونساز چون ٿا ته اينويڊيا جي سڀ کان طاقتور AI چِپس تائين چين جي رسائي سان هٿيارن جي ڊيزائن، انٽيليجنس تجزيي ۽ فوجي جديدڪاريءَ لاءِ AI نظام تيار ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي اچي سگهي ٿي.
آمريڪي ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن ٻنهي پارٽين جي ميمبرن چين کي جديد AI چِپس جي فراهميءَ تي وڌيڪ سخت ڪنٽرول لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انهن تجويزن ۾ چِپس جي نگرانيءَ لاءِ ٽريڪنگ سسٽم ۽ برآمدات تي ڪانگريس جي وڌيڪ نگراني شامل آهي. ڪانگريس جي ٽن ريپبلڪن ڪميٽين جي سربراهن 18 نومبر تي هوانگ سان بريفنگ لاءِ وقت گهريو آهي، جنهن جو سبب هڪ مبينا چيني انٽيليجنس اهلڪار سان سندس رپورٽ ٿيل رابطا آهن.
يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي 21 آڪٽوبر تي شايع ٿيل خريداريءَ جي رڪارڊ موجب، نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي گذريل مهيني ٻه H200 چِپس 874,700 يوآن (123,000 آمريڪي ڊالر) ۾ خريد ڪيون.
نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل چين جي انهن يونيورسٽين جي گروپ ”سيون سنز آف نيشنل ڊفينس“ جو حصو آهي، جيڪي آمريڪي پابندين هيٺ آهن ۽ ماضيءَ ۾ بيجنگ لاءِ دفاعي تحقيق ڪندا رهيا آهن.
رڪارڊ موجب، اهي چِپس سڌو اينويڊيا کان خريد ڪرڻ بدران شانشي بوسوان نيٽ ورڪ ٽيڪنالاجي نالي ڪمپنيءَ کان يونيورسٽي جي مئنيجمينٽ اسڪول لاءِ خريد ڪيون ويون.
H200، اينويديا جي انهن طاقتور ترين چِپس مان هڪ آهي، جيڪي جديد AI نظامن کي تربيت ڏيڻ ۽ هلائڻ لاءِ استعمال ٿين ٿيون. انهن جي برآمد لاءِ آمريڪي لائسنس ضروري آهي، جيڪو عام طور تي نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل جهڙن پابندين واري فهرست ۾ شامل ادارن کي جاري نه ڪيو ويندو آهي.
خريداريءَ جي رڪارڊ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل هن سال چيني ڪمپنين کان ڪمپيوٽنگ جي سهولت ڪرائي تي وٺڻ لاءِ پنج معاهدا ڪيا، جن ذريعي هن H200 ۽ اينويڊيا جا ٻيا طاقتور AI پروسيسر استعمال ڪيا.
رائٽرز پهريون ڀيرو انهن چِپس جي خريداري ۽ ڪمپيوٽنگ جي سهولتن بابت ٿيل معاهدن جي خبر ڏني آهي. نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل، اينويڊيا ۽ آمريڪي ڪامرس ڊپارٽمينٽ جي بيورو آف انڊسٽري اينڊ سيڪيورٽي، جيڪو برآمدي پابندين جي نگراني ڪري ٿو، تبصري لاءِ موڪليل درخواستن جو جواب نه ڏنو. رائٽرز شانشي بوسوان نيٽ ورڪ ٽيڪنالاجي جا رابطي جا تفصيل به حاصل نه ڪري سگهيو.
واپاري پابندين واري فهرست
چين جي اتر اولهه واري شهر شيان ۾ قائم نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي فوجي جهازن، ميزائلن ۽ سيٽلائٽس سان لاڳاپيل تحقيق ڪري ٿي.
آمريڪي ڪامرس ڊپارٽمينٽ 2001ع ۾ يونيورسٽي کي پنهنجي واپاري پابندين واري فهرست، جنهن کي ”اينٽيٽي لسٽ“ چيو وڃي ٿو، ۾ شامل ڪيو هو. ان جو سبب ميزائلن جي ڦهلاءَ ۽ فوجي تحقيق ۾ مبينا شموليت هئي. 2019ع ۾ آمريڪا پابنديون وڌيڪ سخت ڪندي فيصلو ڪيو ته يونيورسٽي ڏانهن ڪنٽرول هيٺ آمريڪي ٽيڪنالاجي برآمد ڪرڻ جا لائسنس اڪثر حالتن ۾ رد ڪيا ويندا.
نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل جون خريداريون ظاهر ڪن ٿيون ته فوجي لاڳاپا رکندڙ چيني ادارا اڃا به مقامي فراهم ڪندڙن وسيلي آمريڪي AI ڪمپيوٽنگ طاقت حاصل ڪري رهيا آهن. اهي يا ته چِپس سڌو خريد ڪن ٿا يا اهڙن سرورن تائين رسائي ڪرائي تي وٺن ٿا، جن ۾ اهي چِپس لڳل آهن.
رائٽرز هن سال جي 26 چيني سرڪاري خريداري ۽ ڪمپنيءَ جي رڪارڊن جو جائزو ورتو. ان مان معلوم ٿيو ته يونيورسٽيون ۽ تحقيقي ادارا مقامي فراهم ڪندڙن وسيلي يا ته آمريڪي پابندين هيٺ اينويڊيا جون چِپس خريد ڪري رهيا آهن يا اهڙيون ڪمپيوٽنگ خدمتون ڪرائي تي وٺي رهيا آهن، جيڪي انهن چِپس سان هلن ٿيون. انهن مان ڪيترن ئي ادارن جا چين جي دفاعي صنعت يا فوجي تحقيق سان ويجها لاڳاپا آهن.
فوجي لاڳاپن وارن تحقيقي ادارن لاءِ اينويڊيا جون چِپس
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا جنوري ۾ ڪيس جي نوعيت کي ڏسي ڪجهه H200 چِپس چين برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ شروع ڪئي هئي. پر ان پاليسيءَ سان اينٽيٽي لسٽ ۾ شامل نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل جهڙن ادارن تي اڳ ۾ لاڳو الڳ پابنديون ختم نه ٿيون هيون.
جنوري ۾ جاري ڪيل لائسنسنگ ضابطن موجب، اهو به ضروري آهي ته پابندين واري فهرست ۾ شامل ادارا ۽ فوجي استعمال ڪندڙ انهن چِپس تائين ريموٽ طريقي سان رسائي حاصل نه ڪري سگهن، جيڪي ان پاليسيءَ تحت برآمد ڪيون وڃن ٿيون. ان پاليسيءَ ۾ H200 ۽ ان کان گهٽ طاقتور ماڊل شامل آهن.
مئنيجمينٽ اسڪول طرفان ٻه H200 چِپس سڌو خريد ڪرڻ کان علاوه، خريداريءَ جي رڪارڊ موجب يونيورسٽي جي سائبر سيڪيورٽي اسڪول جنوري ۾ ستن مهينن جا ٻه معاهدا ڪيا، جن تحت هر سرور ۾ اٺ اٺ H200 چِپس لڳل هيون. انهن معاهدن جي ماليت ترتيبوار 441,700 يوآن ۽ 441,000 يوآن هئي. انهن سهولتن جو مقصد AI ماڊلز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ري اِنفورسمنٽ لرننگ ذريعي تربيت ڏيڻ هو.
يونيورسٽي اٺ Nvidia A100 چِپس ۽ اٺ A800 چِپس لڳل سرورن تائين رسائي به ڪرائي تي ورتي. A100 ۽ A800 چِپس چين جي سمورن ادارن ڏانهن برآمد ڪرڻ تي پابندي آهي، جيتوڻيڪ نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل جي خريداريءَ جي رڪارڊ ۾ ڄاڻايل چِپس مان H200 سڀ کان جديد آهي.
اپريل ۾ يونيورسٽي جي هڪ ٻئي اداري 375,000 يوآن جي معاهدي تحت ڪمپيوٽنگ خدمتون خريد ڪيون، جن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 24 A100 چِپس گهربل هيون. انهن خدمتن جو استعمال ڍانچي ۽ سيالن جي حرڪت بابت ڪمپيوٽر تي ٻڌل سميوليشن لاءِ ڪرڻو هو.
اهي ٺيڪا چين جي ڪجهه غيرمعروف ٽيڪنالاجي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي ڏنا ويا. رڪارڊ ۾ ان بابت تمام ٿوري معلومات ڏنل هئي ته اهي پروسيسر اصل ۾ ڪٿان آيا هئا يا ڪرائي تي ورتل سرور ڪٿي ڪم ڪري رهيا هئا.
چيني قانون موجب، سرڪاري خريداري ڪندڙ ادارن لاءِ ضروري آهي ته ڪامياب ٺيڪيدارن جو اعلان ڪرڻ ۽ معاهدا ڪرڻ کان اڳ اها تصديق ڪن ته فراهم ڪندڙ ڪمپنيون آرڊر پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
وڌيڪ وسيع مارڪيٽ
خريداريءَ جا رڪارڊ ظاهر ڪن ٿا ته چين جي يونيورسٽين ۾ آمريڪي پابندين هيٺ اينويڊيا جي AI چِپس ۽ ڪمپيوٽنگ خدمتن جي هڪ وسيع مارڪيٽ موجود آهي.
رڪارڊ موجب، شينزين يونيورسٽي سيپٽمبر ۾ آمريڪي پابندين هيٺ اينويڊيا جون ٽي H100 پروسيسر 769,800 يوآن ۾ خريد ڪيون. ووهان يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جون ۾ H100 چِپ لڳل هڪ سرور 355,000 يوآن ۾ خريد ڪيو، جڏهن ته الڳ خريداريءَ ۾ چار A100 چِپس 344,000 يوآن ۾ ورتيون.
بيهانگ يونيورسٽي، جيڪا ”سيون سنز آف نيشنل ڊفينس“ جي هڪ ٻي يونيورسٽي آهي، اپريل ۾ چار A800 پروسيسر 489,000 يوآن ۾ خريد ڪيا. بيهانگ جا چين جي خلائي ۽ دفاعي صنعتن سان ويجها لاڳاپا آهن ۽ اها فوجي هوابازي ۽ خلائي پروگرامن لاءِ تحقيق پڻ ڪري ٿي.
جولاءِ ۽ سيپٽمبر ۾ جاري ڪيل سرڪاري خريداريءَ جي ٻن اعلانن ۾ انهن ڪمپنين جا نالا ڏنا ويا، جن کي چيني اڪيڊمي آف سائنسز جي يونيورسٽيءَ لاءِ Nvidia جي H800 ۽ A800 چِپس استعمال ڪندي ڪمپيوٽنگ خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو هو. اهي ٻئي چِپس چين ڏانهن برآمد ڪرڻ تي پابندين هيٺ آهن. هڪ اعلان ۾ H800 چِپ جي استعمال جي في ڪلاڪ قيمت 10 يوآن ڄاڻائي وئي هئي.
جنوري ۾ جاري ڪيل هڪ الڳ سرڪاري خريداريءَ جي ٺيڪي ۾ شينزين جي هڪ سرڪاري اداري لاءِ ڇهه A100 چِپس فراهم ڪندڙ ڪمپنيءَ جو نالو ڏنو ويو، جن جي ماليت 484,800 يوآن هئي.
رائٽرز اڳ ۾ به رپورٽ ڪري چڪو آهي ته چيني ادارن مقامي ري سيلرز وسيلي Super Micro Computer، Dell ۽ Gigabyte جي تيار ڪيل سرورن ۾ لڳل پابندين هيٺ Nvidia چِپس حاصل ڪيون هيون. رائٽرز چين ۾ Nvidia جي پابندين هيٺ آيل چِپس جي هڪ غيرقانوني يا ڳجهي مارڪيٽ بابت به تفصيل ڏنا هئا، جتي اهي چِپس ٻاهرين ملڪن جي ذخيرن ۽ ٽئين ملڪن جي سهولتڪاري وسيلي حاصل ڪيون وينديون آهن.
گذريل هفتي رائٽرز رپورٽ ڏني هئي ته H200 چِپس جو ٿورو مقدار اڻسڌن رستن وسيلي چين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته بيجنگ وڏي پيماني تي درآمد جي اجازت ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي.










