اقبال برصغير جي مسلمانن جي امنگن کي فڪري رهنمائي ڏني

اقبال برصغير جي مسلمانن جي امنگن کي فڪري رهنمائي ڏني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته علامه اقبال برصغير جي مسلمانن جي امنگن کي فڪري رهنمائي ڏني. يومِ اقبال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته علامه اقبال جي يومِ پيدائش تي کين ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته علامه اقبال جي شاعري برصغير جي مسلمانن کي پنهنجي مستقبل جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي طاقت جو احساس ڏياريو ۽ سندن امنگن کي فڪري رهنمائي فراهم ڪئي. هن چيو ته علامه اقبال جي شاعريءَ ۾ آزادي ۽ عزت ڀري زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو پيغام موجود آهي. اقبال جي شاعري استحصال خلاف آواز اٿاريو ۽ غريبن کي سندن حقن ۽ مقام جو احساس ڏياريو. صدر آصف زرداري چيو ته علامه اقبال محنت ڪندڙن جي عزت ۽ وقار کي اهميت ڏني ۽ عام ماڻهن کي انسانيت جي روشن مستقبل جو مرڪز قرار ڏنو.هن وڌيڪ چيو ته علامه اقبال جي شاعريءَ ۾ ايشيا جي بيدار ٿيڻ جو به هڪ سگهارو پيغام موجود هو. اقبال ايشيا جي عوام تي زور ڏنو ته هو غلاميءَ مان نڪري پنهنجي مستقبل جي اڏاوت پاڻ ڪن.صدر مملڪت چيو ته عام ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جي جدوجهد اسان جي سياسي تاريخ جو مسلسل حصو رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو