دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري سرگرمين جي شروعات سان ئي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب، برينٽ ڪچي تيل جي قيمت گهٽجي 97 ڊالر 67 سينٽ في بيرل ٿي وئي. آمريڪي ڪچي تيل جي مستقبل جي سودن جي قيمت پڻ گهٽجي 90 ڊالر 51 سينٽ في بيرل تي اچي وئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته جيڪڏهن جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ اڳڀرائي جاري رهي ته ايران تي نون حملن جو حڪم ڏيڻ جو امڪان نه هئڻ جي برابر آهي.










