بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب 71 ماڻهو وڌيڪ مري ويا آهن ۽ 508 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. چين جي هيلٿ سروس موجب مرندڙن جو انگ وڌي 26 63 ٿي ويو آهي جڏهن ته هن مهل تائين مرض ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 77 هزار 685 ٿي ويو آهي. چين کانوسواءِ ڏکڻ ڪوريا ۾ به وائرس ڦهلجي رهيو آهي جتي 60 نوان ڪيس رپروٽ ٿيا آهن مجموعي طور مريضن جو انگ 900 ٿي ويو آهي. ٿائيلينڊ ۾ 37، ويٽنام ۾13 ۽ ايران ۾ 49 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. افغانستان ۽ ڀارت م ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن پر پاڪستان ۾ اڃا ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. ياد رهي ته آمريڪا چوندو رهيو آهي ته چين ۾ مريضن جو انگ وڌيڪ آهي پر هو لڪائي رهيا آهن ۽ تعداد گهٽ ٻڌائين پيا.










