اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ هندو برادري اڄ ڏياريءَ جو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف هندو برادري کي ڏياريءَ جون واڌايون ڏيندي دعا ڪئي آهي ته روشنيءَ جو هي ڏڻ سڀني لاءِ امن، صحت، خوشين ۽ خوشحاليءَ جو پيغام کڻي اچي. هندو برادري جو چوڻ آهي ته ڏياري روشنيءَ جو ڏڻ آهي ۽ هو پنهنجو تهوار جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن.










