ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربيڪار فاسٽ بالر محمد شامي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڀارت جي 36 ورهين جي محمد شامي سوشل ميڊيا تي جذباتي پيغام ذريعي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو اعلان ڪيو. محمد شامي 2013ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ڪولڪتا ٽيسٽ ميچ ذريعي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، جڏهن ته هن آخري ٽيسٽ ميچ جون 2023ع ۾ اوول جي ميدان تي آسٽريليا خلاف کيڏي هئي. هن پنهنجي 10 سالن جي ڪيريئر دوران ڀارت طرفان 64 ٽيسٽ ميچون کيڏندي 229 وڪيٽون حاصل ڪيون. پنهنجي پيغام ۾ ڀارتي فاسٽ بالر چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ سندس لاءِ رڳو هڪ فارميٽ نه، پر زندگيءَ جو انتهائي خاص حصو رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن سفر دوران حاصل ڪيل هر وڪيٽ، هر ڏکيائي، انجري ۽ ڪرڪيٽ ۾ واپسيءَ کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو.










