ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري فيصلي جي آجيان ڪندي گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل چئن کان پنجن ڏينهن دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن وزيراعظم ۽ وفاقي پيٽروليم واري وزير جا ٿورا مڃيندي مطالبو ڪيو ته ٽرانسپورٽ شعبي کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌيڪ گهٽايون وڃن.










