واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امڪاني معاهدي ۽ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ کانپوءِ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي اچي وئي. سيڙپڪار آمريڪا جي مڊٽرم چونڊن ۽ وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي مالي نتيجن جا منتظر رهيا. ايس اينڊ پي 500 انڊيڪس 0.25 سيڪڙو واڌ سان 7,598.94 پوائنٽن تي بند ٿيو، جڏهن ته نيسڊيڪ 0.10 سيڪڙو وڌي 25,462.99 پوائنٽن تي پهتو. ڊائو جونز انڊيڪس ۾ 0.94 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اهو 52,258.77 پوائنٽن تي بند ٿيو.ايران طرفان وچ اوڀر ۾ اٺن مهينن کان جاري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين تي آمادگي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ برينٽ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ آئي، جڏهن ته ڊگهي مدي وارن آمريڪي ٽريزري بانڊز جي منافعي ۾ پڻ گهٽتائي ڏٺي وئي. ايپل جا شيئرز ٽه ماهي مالي نتيجن جي اعلان کان اڳ 2 سيڪڙو ڪري پيا، جڏهن ته سيڙپڪار ميموري چپس جي وڌندڙ قيمتن جا اثر ڏسي رهيا آهن. ٻئي طرف ايمازون جي شيئرز ۾ 4 سيڪڙو ۽ ٽيسلا جي شيئرز ۾ 1.8 سيڪڙو واڌ ٿي.










