گهارو پمپنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، پاڻي جي فراهمي متاثر

گهارو پمپنگ اسٽيشن ۾ فني خرابي، پاڻي جي فراهمي متاثر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گهارو پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي واري نظام ۾ ڪيبل جي فني خرابي سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهارو نيو پمپ هائوس، گهارو اولڊ پمپ هائوس ۽ فلٽر پلانٽ جي بجلي بند ٿي وئي. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب بجلي بند ٿيڻ سبب گهارو پمپنگ اسٽيشن تان ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي عارضي طور معطل ٿي وئي آهي. ترجمان ٻڌايو ته بجلي بند ٿيڻ سبب پورٽ قاسم، بن قاسم ٽائون، شاهه فيصل ٽائون، پي اين ايس مهران، پي اي ايف بيس فيصل ۽ ڪارساز جا علائقا متاثر ٿيندا. هن چيو ته گهارو پمپنگ اسٽيشن تان شهر کي روزانو 30 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته بجلي بند هجڻ سبب ڪراچي کي لڳ ڀڳ 14 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ٻئي طرف واٽر ڪارپوريشن اختيارين ٻڌايو ته بجلي جي فراهمي بحال ڪرائڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان موجب واٽر ڪارپوريشن شهر کي روزانو لڳ ڀڳ 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪري ٿي، جڏهن ته بجلي بند هجڻ باوجود شهر کي 536 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي جاري آهي. اختيارين جو چوڻ هو ته بجلي بحال ٿيندي ئي گهارو پمپنگ اسٽيشن تان پاڻي جي فراهمي معمول موجب بحال ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو