مهاتير محمد وزيراعظم جي عهدي تان مستعفي

ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد ٻن سالن کان به گهٽ عرصي ۾ حڪومتي اتحاد ۾ اختلافن سبب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سرڪار طور تي وڌيڪ ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو. رڳو ايترو چيو ويو آهي ته وزيراعظم پنهنجي استعيفيٰ بادشاهه کي اماڻي ڇڏي آهي. مهاتير جي پارٽي بيراستو حڪومتي اتحاد کان علدگي پر مهاتير جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو. مهاتير چاهي پيو ته انور ابراهيم نئون وزيراعظم بڻجي جنهن بعد نه صرف سندس پارٽي پر خود انور ابراهيم جي پارٽي جي 11 قانوندانن به ان جي حمايت کان انڪار ڪندي اپوزيشن سان رابطا شروع ڪيا. نجيب رزاق جي پارٽي بريسن نيشنل جيڪا 62 سالن کان اقتدار ۾ هئي، تنهن تي ڪرپشن جا الزام هئا جنهن بعد مهاتير ۽ انور ابراهيم اتحاد ڪري سندن اقتدار ختم ڪيو هو. انور ابراهيم ۽ مهاتير اقتدار شيئر ڪرڻ لاءِ اتحاد ڪيو پر مهاتير هن کي عهدو ڏيڻ بابت وقت ڏيڻ کان انڪاري هو جنهن سبب سندن وچ م اختلاف وڌيا. هاڻي جڏهن مهاتير هنکي عهدو ڏيڻ چاهيو پئي ته سياسي هلچل پيدا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو