ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، حيدرآباد روڊ لاءِ حيسڪو تي دٻاءُ وڌو ته هڪ ڏينهن ۾ 25 بجلي جا پول هٽايا ويا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيف سيڪريٽري ڪينٽونمينٽ بورڊ کان زمين حاصل ڪئي ۽ حيسڪو کي رقم به جمع ڪرائي، پر ان باوجود پول نه هٽايا ويا. هن چيو ته سوچيو ته پهريان روڊ ٺهرائيون پوءِ حيسڪو تي دٻاءُ پوندو، ائين ئي ٿيو ۽ ميڊيا تي خبر اچڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن اندر 25 پول هٽايا ويا.وڏي وزير موجب روڊ جو ڪم مڪمل ٿيڻ سان حيدرآباد جي ماڻهن کي وڏي سهولت ملندي، اهو سڀ هڪ گرينڊ پلان جو حصو هو.










