اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سنگاپور جي سندس هم منصب ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، دوري دوران واپار، سيڙپڪاري، زراعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي آفيس ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اسحاق ڊار جي دعوت تي ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن جمعي ڏينهن پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو.
بيان موجب، ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن پهلوئن جو جائزو ورتو ۽ علائقائي توڙي عالمي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته، ”پاڪستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو بڻائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ 2027ع ۾ سنگاپور جي ايندڙ آسيان صدارت جي حوالي سان معاملا پڻ شامل هئا.“
ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان جي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ سنگاپور جي سول ڊفينس فورس (ايس سي ڊي ايف) وچ ۾ قدرتي آفتن جي انتظام بابت سهڪار جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي به ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي آفيس موجب، ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد قدرتي آفتن جي تياري، هنگامي ڪارروائي ۽ اهڙين آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ آهي.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60هين سالگرهه سان گڏ ٿيل هي دورو، ٻنهي ملڪن جي ڊگهي عرصي واري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
جمعي ڏينهن ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي سهڪار جي مختلف موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
هن وزيراعظم شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن سنگاپور جي ”قابل ذڪر معاشي تبديلي“ ۽ جدت توڙي ترقي جي شعبن ۾ ان جي ڪاميابين کي ساراهيو.
ٻنهي ڌرين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفي توڙي گهڻ طرفي فورمن تي لاڳيتو رابطي ۽ سهڪار جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.
ٻئي طرف، اسحاق ڊار دوري تي آيل سنگاپوري سفارتڪار سان پاڪستان ۽ سنگاپور وچ ۾ سڌيون هوائي اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جي امڪان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ته جيئن ڪاروباري سفر کي آسان بڻائي سگهجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ وڌيڪ ويجها لاڳاپا پيدا ٿي سگهن.










