اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ بدستور سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.وفاقي اداري شماريات جي تازي رپورٽ ۾ اٽي جي قيمتن بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن.رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 3540 رپيا برقرار آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 3400 رپين ۽ اسلام آباد ۾ 3333 رپيا 33 پئسن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف راولپنڊي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 3306 رپيا 66 پئسن ۾ موجود آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۽ پشاور ۾ اٽو 3300 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.










