مانجهند)مهراڻ عمراڻي) لڪي شاھ صدر ويجھو ڳوٺ ميھار ڪلوئي وٽ انڊس ھاءِ وي تي ڪار ڊائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائي کاھي ۾ ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ لڪي شاھ صدر جو رھواسي ڪار ڊائيور 25 سالا نوجوان طالب حسين چوھاڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته 2 ڄڻا اشرف علي لاکو ۽ جاويد ملاح سخت زخمي ٿي پيا جن مان جاويد ملاح کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته فوتي جو لاش وارث کڻائي گھر پھتا ته ڪھرام مچي ويو . ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار سوار ٽئي پاڻ ۾ دوست ھئا جيڪي ڪنھن شادي تقريب مان واپس لڪي شاھ صدر اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو جڏھن ته پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪار کي حفاظت ۾ ورتو آهي. هوڏانهن گذريل رات گمبٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ۽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليءَ ۾ ٽڪر ٿيو هو.

جنهن جي نتيجي ۾ رتوديرو واسي نوجوان نور نبي جروار ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو ۽ مورو واسي جان محمد ڪلهوڙو زخمي ٿي پيو هو. پوليس حادثي ۾ فوت ٿيل جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو. حادثي کانپوءِ ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هو.










