28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ  جو موقف ڏسڻو پوندو:  جتوئي

28هين ۽ 29هين ترميمن تي پ پ جو موقف ڏسڻو پوندو: جتوئي

نوشهروفيروز (ن س)نيشنل پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ وزير چئي رهيا آهن ته 28هين ۽ 29هين آئيني ترميمن بابت اجلاس ۾ بحث ٿيندو، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ هڪ موقف اختيار ڪيو آهي، هاڻي ڏسڻو پوندو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي. مولانا فضل الرحمان بابت ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته مولانا احترام لائق شخصيت آهي، سندس حڪومت سان ڪو مسئلو آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي، باقي ان معاملي تي هو وڌيڪ ڪو تبصرو نه ڪندو. هن چيو ته ملڪ جون حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن، ملڪ جو نظام صوبن سبب نه، پر خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن سبب تباهه ٿيو آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته ملڪ جي مفاد ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بدران مضبوط مڪاني حڪومتي نظام قائم ڪرڻ ضروري آهي. گورنر راڄ بابت سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ جو سبب امن امان جي خراب صورتحال آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال سڄي ملڪ ۾ ناهي؟ گورنر راڄ رڳو خيبر پختونخوا ۾ ڇو لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي؟

پهنجو تبصرو موڪليو